حيدرآباد: سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد پاران ڏنل تفصيلي فيصلي کانپوءِ ان جي مختلف طريقن سان تشريح ڪئي پئي وڃي. هڪڙن قانوندانن جو خيال آهي ته عدالت پنهنجي فيصلي ۾ 2018ع کان هيل تائين ٿيل سمورن امتحانن کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي پر ٻين قانوندانن جو خيال آهي ته عدالت صرف 2018ع ۾ ورتل گڏيل چٽا ڀيٽي جي امتحان ۽ ميڊيڪل آفيسرز ميل ۽ فيميل جي امتحان کي ڪالعدم قرار ڏنو آهي. ان سلسلي ۾ ڳالهائيندي درخواست گذارن جي هڪ گروپ جي وڪيل ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو ٻڌايو ته مختلف قانوندان مختلف حوالن سان فيصلي جي تشريح ڪري رهيا آهن جڏهن ته سندس خيال مطابق عدالت واضح انداز ۾ فيصلو ڏنو آهي ته صرف 2018ع دوران ٿيل گڏيل چٽا ڀيٽي وارو امتحان ۽ ميڊيڪل آفيسرز ميل ۽ فيميل جي ڀرتين وارو امتحان ڪالعدم قرار ڏنو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن عدالت سمورن امتحانن کي ڪالعدم قرار ڏئي ها ته پوءِ انهن ٻنهي امتحانن جي حوالي سان الڳ الڳ ذڪر ڇو ڪيو وڃي ها؟ هن چيو ته هاڻي جيڪي امتحان ٿيندا اهي نئين رولز ۽ بزنس تحت ٿيندا ڇاڪاڻ ته عدالت واضح انداز ۾ پنهنجي فيصلي ۾ ڄاڻايو آهي ته 1989ع وارو ايڪٽ معطل آهي جڏهن ته ان جو سيڪريٽري ۽ ڪاروهنوار به معطل رکيو ويو آهي.