اسلام آباد (م ڊ) نواز ليگ جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز جو پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ چونڊن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ رد عمل سامهون اچي ويو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ نواز ليگ جي چيف آرگنائيزر لکيو ته اڄ جو فيصلو هن سازش جو آخري وار آهي، جنهن جي شروعات آئين کي ٻيهر لکي پنجاب حڪومت پليٽ ۾ رکي بينچ جي لاڏلي عمران خان کي پيش ڪئي وئي ته وٺ پٽ، ڀڃي ڇڏ ته جيئن اسان جهڙن سهولتڪارن جي موجودگي ۽ نگراني ۾ اوهان کي ٻيهر چونڊرايو وڃي. پنهنجي هڪ ٻئي ٽويٽ ۾ مريم نواز چيو ته 2018ع ۾ جيڪو ڪم جنرل (ر) فيض، جسٽس(ر) کوسه ۽ جسٽس (ر) ثاقب نثار انجام ڏنو هو اها ذميواري هاڻ مذڪوره بينچ کڻي ورتي آهي. هن خوفناڪ سهولتڪاري ۽ ون مين شو خلاف سپريم ڪورٽ جي اڪثريت بغاوت ڪري ڇڏي آهي. مريم نواز آخر ۾ وڌيڪ لکيو ته وقت اچي ويو آهي ته پارليامينٽ هن سهولتڪاري کي پنهنجي آئيني ۽ قانوني هٿن سان روڪي ڇڏي. هڪ ٻئي ٽويٽ ۾ مريم نواز لکيو ته وفاقي ڪابينه طرفان صرف فيصلو رد ڪرڻ ڪافي نه آهي. آئين ۽ قانون کي تباهه ڪندڙ لاڏلي کي مڙهڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي.