نئون ديرو(ن پ ا) سنڌ جي وڏي وزيرسيد مراد علي شاھ چيو آھي ته سپريم ڪورٽ جا جج به ان فيصلي کي نٿا مڃن ته ٻيا ماڻھو ڪيئن مڃيندا. ھي فيصلو ¾ ججن جو آهي. ٽوٽل 9 ججن جي بئنچ هئي ان مان 2 جج بئنچ کان ڌار ٿي ويا باقي انهن مان 4 ججن چيو ته هي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو ڪو جواز نه هو. ڇو جو هي ڪيس لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي. ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪيس به 9 ججن تي مشتمل بئنچ تي ٻڌل ھو. ان ۾ انتظار ڪيو ويو ته ھڪ جج رٽائر ٿي وڃي ۽ ٻئي جي طبيعت خراب ٿي وڃڻ ڪري معذرت ڪري بئنچ کان ڌار ٿي ويو، جنھن بعد 3/4 ججن جو فيصلو آيو جن قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو کي سزا ڏني. انھن مان 2 ججن ڪتاب ۾ لکيو ته اسان جي مٿان دٻاءُ ھيو ۽ باقي 2 ججن فيصلو ڪيو ھو ته ذوالفقار ڀٽو جي پٽيشن قبول ڪرڻي آھي. ان وقت جيئن 5/4 ججن جي فيصلي کي تبديل ڪري ¾ جو فيصلو ڪيو. وري هنن ¾ جي فيصلي کي تبديل ڪري 3/2 جو فيصلو مسلط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هي فيصلو مسلط نٿو ٿي سگهي. سڀ ادارا ٻڌائي چڪا آهن ته مشڪل حالتون آهن اليڪشن نٿي ٿي سگهي.نگران حڪومت جو مدو 14 اپريل تي پورو ٿيڻو آهي ته پوءِ ڇا هڪ مهينو ٻيهر نگران حڪومت ايندي اها آئيني پيچيدگي آهي جنهن کي ڏسڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته اليڪشن ڪنهن جي به مرضيءَ سان نه ٿيندي اهو حق صرف آئيني طور تي اليڪشن ڪميشن جو آهي، ان جي ڪم ۾ ڪو ٻيو مداخلت ڪري اهو غلط آهي. سياسي پارٽيون هر وقت اليڪشن وڙهڻ لاءِ تيار هونديون آهن.