فيس بڪ تي لنڪ مٿان ڪلڪ ڪرڻ سان سوا لک رپيا غائب

0
358
فيس بڪ تي لنڪ مٿان

نئين دهلي(انٽرسٽنگ نيوز) ڀارت جي گاديءَ واري هنڌ دهليءَ جي ضلعي شاهدرا جي ڪرشنا نگر علائقي ۾ هڪ شخص کي فيس بڪ اڪائونٽ جي هڪ لنڪ تي ڪلڪ ڪرڻ ڪافي ڏکيو پئجي ويو

اوتار شرما هڪ نجي نوڪري ڪندو آهي، جنهن جو چوڻ آهي ته اهو پنهنجي فون تي فيس بڪ ايب جو استعمال ڪري رهيو هو، ان دوران ان کان هڪ لنڪ تي ڪلڪ ٿي ويو

اوتار شرما چيو ته ڪلڪ ڪندي ئي منهنجي اڪائونٽ مان هڪ ئي وقت ۾ سوا لک رپيا غائب ٿي ويا ۽ فوري طور تي انهن رپين جي ٽرانزڪشن جو ميسيج اچي ويو

متاثر نوجوان چيو ته مان فوري بينڪ ۾ رابطو ڪري اڪائونٽ کي بند ڪرايو ۽ بعد ۾ ان ماعملي جي اطلاع کي ڏني وئي. متاثر نوجوان بينڪ اڪائونٽ کي بند ڪرائڻ کاپوءِ ان بابت مقامي پوليس کي اطلاع ڏنو

مقامي پوليس متاثر نوجوان کي سائبر ٿاڻي موڪلي ڇڏيو. پوليس هن جي شڪايت تي ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي. سائبر ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته پوليس ٽيڪنيڪل سرويلنس جي مدد سان جوابدار تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪندي