لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) شيخ زيد اسپتال لاڙڪاڻو جي گائني وارڊ ٽو جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر فوزيا چانڊيو فيسٽولا جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان هتي پريس ڪلب ۾ ميڊيا کي بريفنگ چيو ته فيسٽولا عورتن جي پيچيدهه ۽ معاشرتي شرمناڪ مرض آهي، جنهن ڪري اهڙيون عورتون معاشري کان ڌار ٿي اڪيلائپ ۽ اذيت واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿين ٿيون، هن چيو ته فيسٽولا جي مرض بدقسمتي سان ترقي يافته ملڪن ۾ رهندڙ عورتن جو مرض آهي، جنهن کان بچي سگهجي ٿو ۽ ان جو علاج به ممڪن آهي پر سجاڳي نه هئڻ سبب هي مرض ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، تنهن ڪري دنيا ۾ هر سال اٽڪل 40 لک ۽ پاڪستان ۾ اٽڪل 4 کان 5 هزار عورتون هن مرض ۾ مبتلا ٿين ٿيون، هوڏانهن تقريب ۾ ڊاڪٽر فوزيه ڪاشف، اسسٽنٽ پروفيسر فوزيا چانڊيو سميت ليڊي ڊاڪٽرن، نرسن ۽ ٻئي عملي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري گڏجي ڪيڪ ڪاٽيو.