فيروز خان ۽ عليزي واقعي ڌار ٿي ويا ؟ سوشل ميڊيا تي ٻيهر بحث

0
240
فيروز خان ۽ عليزي واقعي

لاهور(شوبز نيوز) سوشل ميڊيا ۽ مختلف پليٽ فارمز تي هن وقت اهي خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته شوبز انڊسٽري جي ناليواري جوڙي فيروز ۽ عليزي هڪ ٻئي جون راهون الڳ ڪري ڇڏيون آهن

جڏهن ته اداڪار فيروز خان ٻارن سان ملڻ جي لاءِ عدالت ۾ درخواست به داخل ڪري ڇڏي آهي. خبرن موجب عليزي هاڻي فيروز کان  الڳ رهڻ چاهي ٿي

ٻئي پاسي فيروز ۽ عليزي انسٽاگرام تي هڪٻئي کي ان فالو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ٻنهي پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽن تان هڪٻئي جون وڊيوز ۽ تصويرون به هٽائي ڇڏيون آهن. تنهن هوندي به هن وقت تائين ٻنهي طرفان اهڙي حوالي سان ڦهليل خبرن جي تصديق يا ترديد ناهي ڪئي وئي

خانگي ٽي وي جي رابطو ڪرڻ تي اداڪار فيروز خان ٻڌايو ته في الحال آئون ان معاملي جي تصديق يا ترديد نٿو ڪري سگهان. ياد رهي ته فيروز ۽ عليزي ٻه هزار ارڙهن ۾ شادي ڪئي هئي، ٻنهي کي ٻن ٻارن هڪ پُٽ ۽ هڪ ڌيءَ جي اولاد آهي