فياض الحسن چوهاڻ پاران پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان

0
211

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فياض الحسن چوهاڻ پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ملڪ جو 24 ڪروڙ عوام 9 مئي جي واقعي تي غمگين آهي، مون کي به ان تي ڏک آهي، پاڪستان جي خدمت ڪندو رهندس

هن چيو ته مون عمران خان کي ميسيج ۾ هڪ ڳالهه سمجهائي ته هو رياست سان ٽڪراءَ جي پاليسي ڇڏي، موجوده حڪمرانن خلاف تحريڪ شروع ڪرڻ گهرجي، رياست ۽ ادارن سان ٽڪراءُ ڪرڻ سياستدانن جو ڪم ناهي. مون کان سواءِ عمران خان کي ڪنهن نه چيو ته سياست ۾ تشدد ناهي ٿيندو

هن چيو ته ان لاءِ پارٽي ۾ قطار لڳي وئي، زمان پارڪ ۾ داخلا بند ڪئي وئي، سمورا اڳواڻ گواهي ڏين ته مون عمران خان کي سمجهايو هو

فياض چوهاڻ چيو ته ڪالهه آزاد ٿيڻ کانپوءِ گهر وارن کان پڇيو ته ڇا عمران خان منهنجي لاءِ ٽوئيٽ ڪيو؟ پوءِ ٻڌايو ويو ته نه، عمران خان کي هر ڳالهه ياد آهي، پر فياض الحسن جنهن جو گهر تباهه ٿي ويو، اهو ياد ناهي

هن کي به پڙهندا

شيرين مزاري پاران پي ٽي آءِ ۽ سياست ڇڏڻ جو اعلان

ماڻهو پاڻ پي ٽي آءِ نه پيا ڇڏين، ڇڏائي پئي وڃي: عمران خان