عوام جي بُري طرح جي بھتري، جٽادار ترقي جي ھدفن جي حصول ۽ مختلف انتظامي اُمورن جي اُٿل پُٿل لاءِ سنئين سڌي سرڪاري توڙي اُبتن سُبتن خانگي ادارن پاران ھڪ يا ھڪ کان وڌيڪ فوڪل پرسن مقرر ڪيا ويندا آھن، جيڪي اصل ۾ ھوندا ته ڦُوڪيل پرسن آھن پر وري پاڻ کي پوکيل پرسن محسوس ڪرائيندا آھن. فوڪل پرسن جي پري کان سڃاڻپ لاءِ گھڻي غور و فڪر ڪرڻ جي ضرورت ناھي،

                 ڇو ته ڪنھن گڏجاڻي، ھجوم يا ميڙاڪي ۾ موجود فوڪل پرسن پري کان ڦُوڪيل نظر ايندو آھي، سندس مٿي جا وار پوکيل محسوس ٿيندا آھن، سندس ڪن ھوادار، نڪ جون ناسون ويسٽ اوپن يعني کُليل ۽ وات ڪنھن گُٽڪي، سوپاري يا سگريٽ سبب ھميشہ چرپر ۾ رھندو آھي. عام طور تي سرڪار فوڪل پرسن ۾ ھوا ڦُوڪيندي آھي ۽ عوام وري کيس دُعا ڦوڪيندي آھي، جڏھن ته کيس تازي ۽ تواني رھڻ لاءِ دوا جي سخت ضرورت ھوندي آھي. فوڪل پرسن پيشه ورانه طور تي عوام تي ٿاڦيل (پڙھو چونڊيل نمائندو)، سرڪاري سربستو ڪامورو، وِڪيل وائڙو وڪيل، جذباتي جج، لفافي ۾ بند صاف و شفاف صحافي ۽ نا سمجھ سماج سُڌارڪ به ٿي سگھي ٿو.

فوڪل پرسن جا ڪيترائي پوکيل مشغلا ھجن ٿا، جنھن ۾ خاص طور تي ھر عام ھنڌ تي ڦُوڪون ھڻڻ ۽ ڦٽاڪا ڇوڙڻ ھجن ٿا. اھڙو مظاھرو فوڪل پرسن اڪثر ڪري سرڪاري گڏجاڻين، شين جي اگھن تي ضابطي جي دورن ۽ عوامي ميڙاڪن ۾ ڪئميرا جي اک سان محفوظ ڪرائيندو آھي.

فوڪل پرسن اڪثر افطار پارٽين ۾ شوق سان شرڪت ڪندو آھي، جِتي ھُو ڦُوڪجي “اُف- تار” ٿي پوندو آھي، فوڪل پرسن جڏھن ڦُوڪجي فوڪر جھاز جيان ڏيک ڏئي ته سمجھي وڃجو ھمراھ ڄاڻ پنڪچر ٿيڻ وارو آھي يا تڪڙي اُڏام ڪري وڃي پرڏيھه پھچڻ وارو آھي. پنڪچر ٿي پوڻ جي صورت ۾ سرڪار ڪنھن لوڪل پرسن جون خدمتون حاصل ڪندي آھي، جنھن لاءِ تڪڙيون “ڦُوڪان” ھڻي پنڪچر ڳنڍيندڙ مقامي شاعر، اديب يا ڏاھي کي ترجيحي ۽ عارضي بنيادن تي ڀرتي ڪيو ويندو آھي.

عوام جي تڪڙي ترقي لاءِ تِرڪڻ پيدا ڪرڻ جي سلسلي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي بدولت فوڪل پرسن کي وڌ ۾ وڌ عوامي لاڀ لائق بڻائڻ لاءِ ھر وقت چارج ۾ رھڻ لاءِ کيس سولر پليٽ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي ته جئين ھُو بنا ڪنھن فرق ۽ وقفي جي عوام سان مسلسل ھاٽ لائين تي رابطي ۾ رھي ڪري عوامي ڀلائي جي فڪر ۾ سدائين ڦوڪيل رھي. ان فيصلي بعد عوام لاءِ فوڪل پرسن، ڦُوڪيل پرسن ۽ پوکيل پرسن ۾ فرق ڪڍڻ ۽ سمجھڻ مشڪل ٿي پيو آھي.

توھان پنھنجي محلي، گھر يا گھٽيءَ ۾ نظر ڦيرائيندئو ته توھان کي آسمان ڏانھن ڏسندي ۽ ھٿن کي مھٽيندي يا چپ ڀِڪوڙي ڳالھائيندڙ ڪو ھمراھ ٽڪرائي ته پڪ سمجھو توھان ڪنھن ڦُوڪيل پرسن.. او نو..!

منھنجو مطلب تہ فوڪل پرسن جي ور چڙھي ويا آھيو. ان سان مخاطب ٿيڻ ۽ سندس ڌيان طلبي لاءِ اوھان کي به لازمي طور تي پنھنجا به ور سڌا ڪرڻا پوندا. فوڪل پرسن جو اصل فوڪس پنھنجي بيقراري ۽ عوام جي بيزاري تي ھوندو آھي، گھڻي بيقراري سبب فوڪل پرسن جو پيٽ جڏھن ڦوڪجي ڦوڪڻي نما بڻجي ڦاٽڻ تي ھوندو آھي ته يڪدم ميڊيائي مجاور سندس ھاضمي جو بندوبست ڪندا آھن. اها آهي مڪمل پر جامع وصف فوڪل، ڦُوڪيل ۽ پوکيل “پرسن” جي!