پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز آزاد ڪشمير جي دوري تي آهي ۽ اتي جلسي کي خطاب کانپوءِ سوشل ميڊيا تي مريم نواز جي ٽوئيٽر اڪائونٽ سان منسوب اسڪرين شاٽ گردش ڪري رهيو آهي جنهن ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي فوٽو شاپ ڪيل تصوير موجود آهي، سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل اسڪرين شاٽ بابت چيو پيو وڃي ته اهو ٽوئيٽ مبينا طور مريم نواز شيئر ڪيو هو جنهن بعد وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر شهباز گل شيئر ڪيو ۽ پوءِ ان تي تبصرن ۽ ميمز جو ختم نه ٿيندڙ سلسلو شروع ٿي ويو. مريم نواز جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي نواز شريف جي اهڙي تصوير موجود نه آهي شهباز گل جيڪا تصوير جو جيڪو اسڪرين شاٽ شيئر ڪيو ان ۾ هڪ تصوير ۾ مريم نواز جڏهن ته ٻي تصوير ۾ نواز شريف موجود آهي، اسڪرين شاٽ ۾ مريم نواز نيلم وادي ۾ ڪيران جي مقام تي هڪ خوبصورت جاءِ تي بيٺل آهي ۽ ساڳئي هنڌ نواز شريف پڻ بيٺل آهي نواز شريف نومبر 2019ع کان هن وقت لنڊن ۾ آهي. اسڪرين شاٽ ۾ لکيل آهي ته ڪشمير سان رشتو پراڻو آهي. شهباز گل اهو اسڪرين شاٽ شيئر ڪندي لکيو ته ميان صاحب جڏهن کان هن هنڌ تان ويو آهي شايد وقت به رڪجي ويو آهي ڪجهه به تبديل ناهي ٿيو هڪ پتو به ناهي ڪريو ڪمال آهي، جعلسازي ۾ اوهان جو وڏو رتبو آهي محترمه، ٽرسٽ ڊيڊ علي، قطري خط جعلي، ڪيلبري فونٽ جعلي، انقلاب جعلي، ڪشمير سان محبت به جعلي، محترمه ان وقت سچ ڳالهائيندي آهي جڏهن خاموش هوندي آهي. وزيراعليٰ پنجاب جي خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعوان ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته ڪشمير اليڪشن ۾ شڪست جي خوف کان جعلي راجڪماري ڊڄي وئي آهي، ڪڏهن فوٽو شاپ تصوير سان ڪشميرين کي دوکو ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته ڪڏهن ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. جعلي راجڪماري ٻڌي ڇڏي ته بهادر ڪشميري وزيراعظم عمران خان وڏي محبت ڪن ٿا، اوهان جو واسطو صرف اليڪشن جي نعرن تائين آهي، جڏهن ته ٽوئيٽر صارفين اها ڄاڻڻ ۾ ڪا دلچسپي ظاهر نه ڪئي ته فوٽو شاپ ڪيل تصوير مريم نواز شيئر ڪئي هئي يا نه، مختلف تبصرا ۽ ميمز شيئر ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو، نواز شريف جي تصوير مختلف طريقن سان ايڊٽ ڪري شيئر ڪئي وئي ۽ ٽوئيٽر فوٽوشاپ وارو ليڊر هيش ٽيگ ٽرينڊ شروع ٿي ويو، دانش نالي صارف نواز شريف جي خلا ۾ تصوير شيئر ڪندي لکيو ته رائيونڊ ۾ اسپيس، هڪ ٻئي صارف لکيو ته ميان صاحب خلا ۾ موجود آهي، فيصل ملڪ ڪرائم ٿرلر سيريز مني هيسٽ جي سيزن پنج ۾ مرڪزي ڪردار طور نواز شريف کي پيش ڪيو، فضا عباسي نواز شريف کي فٽبال ميچ ۾ ڏيکاريو ۽ لکيو ته هي ٿيندي آهي فٽبال سان محبت، علي ادريس وزيراعظم ۽ آرمي چيف جي ملاقات جي پراڻي تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ فوٽو شاپ ذريعي نواز شريف کي اتي بيٺل ڏيکاريو ويو آهي، پوسٽ تي لکيو ويو ته وزيراعظم ۽ آرمي چيف جي ملاقات ۾ نواز شريف موجود آهي، وليد راجپوت لکيو ته بارش دوران نواز شريف لاهور ۾ موجود آهي بارش سان پراڻو رشتو آهي.ڪجهه صارفين وري نواز شريف جي ان تصوير لکي عمران خان جي حلف کڻڻ واري تصوير جو حصو بڻايو، چوڌري تنوير لکيو ته وس نٿو هلي نه ته حلف نامو کسي ڀڄي وڃي.