ٽنڊوباگو (اسپورٽس) ٽنڊوباگو جي مير غلام محمد خان ٽالپر گرائونڊ تي شروع ٿيل آل سنڌ شهيد عبدالله مراد چيمپيئن ٽرافي ٽورنامينٽ جي ٻي سيمي فائينل ميچ ۾ ڄامشورو فوٽبال ڪلب ۽ ڪوٽ غلام محمد فوٽبال ڪلب منهن آڏو اٽڪايو. ڪوٽ غلام محمد فوٽبال ڪلب جي ٽيم 2 گول ڪري ڄامشورو ڪلب کان ميچ کٽي فائينل ۾ پهچي وئي. ڄامشورو ڪلب جي ٽيم صرف هڪ گول ڪري سگهي. اڄ ڇنڇر ڏينهن ٽورنامينٽ جو فائنل ميچ ايم جي ايم ڪلب ٽنڊوباگو ۽ ڪوٽ غلام محمد جي ٽيمن وچ ۾ مقابلو ٿيندو.