فوج ۽ رينجرز سنڌ ۾ مڪاني چونڊن ۾ مقرري کان معذرت ڪري ڇڏي

0
273

اسلام آباد: جي ايڇ ڪيو سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي معاملي تي پولنگ اسٽيشنن تي فوج ۽ رينجرز جي مقرري کان معذرت ڪري ڇڏي

جي ايڇ ڪيو راولپنڊي سنڌ ۾ 15 جنوري تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن ۾ پولنگ اسٽيشنن تي فوج ۽ رينجرز جي مقرري تي معذرت ڪري ڇڏي آهي

ان حوالي سان وفاقي حڪومت اليڪشن ڪميشن کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، گهرو وزارت اليڪشن ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو آهي

گهرو وزارت پنهنجي خط ذريعي چيو آهي ته سنڌ جي انتهائي حساس ۽ حساس پولنگ اسٽيشنن تي 20 هزار اهلڪار مقرر ڪرڻا پوندا، جڏهن ته جي ايڇ ڪيو جو چوڻ آهي ته هو ايتري وڏي تعداد ۾ اهلڪار فراهم نٿا ڪري سگهن

گهرو وزارت چيو آهي ته پاڪ فوج ۽ رينجرز کي ڪوئڪ ريسپانس فورس طور مقرر ڪيو ويندو، جي ايڇ ڪيو پولنگ اسٽيشنن تي فوج ۽ رينجرز جي مقرري کان معذرت ڪري ڇڏي آهي