سکر (بيورو رپورٽ) جعيت علماءِ اسلام سنڌ جي اڳواڻ علامه راشد محمود سومري مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ جي ڪچي وارن علائقن ۾ فوج ۽ رينجرز جي مدد سان آپريشن ڪري ڌاڙيلن جو خاتمو ڪيو وڃي.  سکر ۾ جي ٽي آءِ سنڌ جي طلبا ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته عمران حڪومت ملڪ جي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي پاڪستان کي 30 سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ بدامني انتها تي پهتل آهي. صوبائي حڪومت عوام کي ڏوهارين جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي.  سنڌ ۾ اغوا ۽ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. وزير اعظم کي چيو آهي ته سنڌ پوليس کي مضبوط بڻايو وڃي. ڪچي وارن علائقن ۾ پوليس سان گڏ رينجرز ۽ فوج جي مدد سان آپريشن ڪيو وڃي. تقريب کي مفتي ڪفايت الله، مولانا عبدالقيوم هاليجوي، مفتي سعود افضل هاليجوي، مولانا محمد صالح انڍڙ، قاري نعيم الله، حافظ عبدالحميد مهر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.