ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته نوازشريف ملڪ واپس اچڻ جي پڪ ڏئي ته کيس 24 ڪلاڪن اندر سفري ڪاغذ ٺهرائي ڏيندس، آصف زرداري تاش سيني سان لڳائي کيڏندو آهي، مولانا فضل الرحمان ٻن ٻارن جي هٿن ۾ اچي خراب ٿي ويو آهي، وڏو نقصان فضل الرحمان جو ٿيو، نواز ليگ جي ايڇ ڪيو جي گيٽ نمبر 4 جي پيداوار آهي. ڪراچي ۾ ايف آءِ اي زونل آفيس جي دوري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اپوزيشن ٺُس ٿي وئي، عمران خان لاءِ اپوزيشن نه پر مهانگائي چيلنج آهي، وزيراعظم مهانگائي واري معاملي کي پاڻ ڏسي رهيو آهي. هن چيو ته خارجه پاليسي بهترين آهي، افغانستان سان سٺا لاڳاپا آهن، اسد قيصر معاملي جي خبر ناهي، عمران خان خلاف ڪا به سازش ڪاماب نه ٿيندي، 5 سال پورا ڪندو. هن چيو ته ايف آءِ اي کي هڪ مهيني ۾ ٺيڪ ڪنداسين، پ پ مثبت سوچ رکندڙ پارٽي آهي، نوازليگ بحران پيدا ڪندي آهي، فوج خلاف ڳالهائڻ جي قيمت نواز ليگ کي چڪائڻي پوندي، ضياءَ الحق نه هجي ها ته نواز ليگ وارا ڪائونسلر به نه ٿي سگھن ها، نوازليگ جي ايڇ ڪيو جي گيٽ نمبر 4 مان پيدا ٿي، آصف زرداري وڏو هوشيار آهي، هو تاش جا پتا سيني سان لڳائي کيڏندو آهي. هن چيو ته ايف آءِ اي کي مهيني ۾ ٺيڪ ڪنداسين، ڊگھي عرصي کان مقرر آفيسرن کي بدلي ڪنداسين. ان کان اڳ وفاقي گھرو وزير رينجرز جي پاسنگ آئوٽ پريڊ ۾ به شرڪت ڪئي.