فوج جي واپسي تي شرمندگي ناهي، افغان فوجي نٿا وڙهڻ چاهين ته پنهنجا فوجي ڇو مارايون: آمريڪي صدر

0
865

ڪراچي(م ڊ) امريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته افغانستان مان فوج واپس ڪرڻ جو فيصلو درست هو، ان تي ڪا به شرمندگي نه آهي، اسان پنهنجي مشن ۾ ڪامياب ٿي ويا آهيون، هن فيصلي جي ڪري تنقيد جو نشانو بڻجندس پر هي درست فيصلو آهي، هي آمريڪي عوام، امريڪي فوج ۽ امريڪا جي لاءِ درست فيصلو آهي.

 

آمريڪي فوج افغانستان مان نڪري وئي

 

ڪابل ايئرپورٽ تي افراتفري

افغانستان جي صورتحال بابت پنهنجي قوم خطاب ڪندي هن چيو آهي ته اشرف غني کي طالبان سان ڳالهين جو مشورو ڏنو هو، پر هو ڳالهيون ڪرڻ کان صاف انڪار ڪندي چيو ته افغان فوج طالبان سان وڙهندي پر ظاهر آهي ته هو غلط نڪتو، امريڪي صدر چيو ته افغان اڳواڻ حوصلا ڇڏي ويا ۽ ملڪ مان فرار ٿي يا، اسان افغان فوج کي سڀ ڪجهه ڏنو پر هنن کي وڙهڻ جو عزم ۽ حوصلو نه ڏئي سگهياسين، افغانستان تي جيتري تيزي سان قبضو ٿيو ايتري اميد نه هئي، خبر آهي ته منهنجي فيصلي تي تنقيد ٿيندي، چين ۽ روس جي خواهش آهي ته امريڪا افغانستان ۾ ڊالر خرچ ڪندو رهي، افغانستان کي تبديل ڪرڻ اسان جو مشن نه هو.

آمريڪي صدر طالبان کي تنبيهه ڪندي چيو ته جيڪڏهن هنن آمريڪا جي نڪرڻ واري منصوبي ۾ رڪاوٽون وڌيون ته آمريڪا جو رد عمل فوري ٿيندو، اسان جي پنهنجي ماڻهن جو دفاع تباهه ڪندڙ قوت سان ڪنداسين، هن وڌيڪ چيو آهي ته چين ۽ روس جي خواهش هوندي آمريڪا افغانستان ۾ وڌيڪ ڊالر خرچ ڪندو رهي، افغانستان کي تبديل ڪرڻ اسان جو مشن نه هو، اسان جو مقصد القاعده جو خاتمو ۽ اسامه کي پڪڙڻ هو، اسان ان مشن ۾ ڪاميا رهياسين.

افغان فوج

آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته جيتري تيزي سان افغانستان تي قبضو ٿيو ان جي ايتري اميد نه هئي، جيڪا لڙائي افغان فوج نٿي وڙهڻ چاهي ته پوءِ آمريڪي فوج ڇو وڙهي،؟ افغان فوج وکري وئي، هن سان هر قسم جو سهڪار ڪيو، افغان فورسز تي اربين ڊالر لڳايا ۽ بهترين سامان مهيا ڪيو، هن چيو آهي ته هي آمريڪا جي ڊگهي جنگ رهي، 4 صدر هن مان گذريا ۽ ڪيتريون ئي آمريڪي جانيون هن جنگ ۾ ويون، جيڪو ٿيو اهو 4 سال اڳ يا 15 سال پوءِ به ٿي سگهي پيو، هن وقت اسان افغانستان مان پنهنجي ۽ اتحادين کي بحفاظت ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان.

 

ڪنهن کي اسان جي پرواهه

ھي بھ پڙھو

ڪنهن کي اسان جي پرواهه ناهي: افعانستان جي روئيندڙ نينگري جي هنيانءَ ڏاريندڙ وڊيو وائرل