فوج جو سربراهه اهل ۽ بي داغ هُجڻ گهرجي: مريم نواز جو جنرل فيض حميد بابت سوال تي جواب

0
264
فوج جو سربراهه اهل ۽ بي

اسلام آباد: نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو  آهي ته حڪومت ۽ پارٽي کي چيو اٿم ته عمران خان جو چئن سالن وارو گند پاڻ تي نه کڻو، کيس ڀلي عوام ۾ وڃڻ ڏيو

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته سٺو آهي ته فوجي سربراهه اهڙو هُجڻ گهرجي جيڪو بي داغ ۽ ساکائتو هجي، جنهن تي شڪ شبها نه هجن

هن چيو ته گڏيل حڪومت اڪيلي سر فيصلا نٿي ڪري سگهي، فتني ۾ ڦاسڻ بدران نواز شريف کي 2 ڀاڱي 3 اڪثريت ڏني وڃي ته جيئن ملڪ جي تقدير تبديل ٿئي

هن چيو ته عمران خان 4 سالن ۾ ملڪ کي هڪ صدي پوئتي ڌڪي ڇڏيو، هُن ملڪي معيشت کي آءِ سي يو ۾ پهچائي ڇڏيو، چئن سالن جي نااهلي جو بار 4 هفتن جي حڪومت تي نه وجهڻ گهرجي

ھي به پڙھندا

تحريڪ عدم اعتماد کان هڪ ڏينهن اڳ فوري چونڊون يا مارشل لا جي ڌمڪي ڏني وئي: بلاول ڀٽو زرداري