لاهور(م ڊ) پنجاب جي نگران اطلاعات واري وزير عامر مير چيو آهي ته آرمي ٺڪاڻن تي حملو ڪندڙ 30 کان 40 ماڻهو زمان پارڪ ۾ موجود آهن. پنجاب جي نگران اطلاعات واري وزير عامر مير پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان هڪ سال کان فوج ۽ ان جي قيادت خلاف زهر اوڳاڇي رهيو آهي. تحريڪ انصاف غير رياستي عنصرن جو روپ اختيار ڪري رهي آهي. عامر مير وڌيڪ چيو ته ايئن لڳي ٿو ته عمران خان جي لاءِ ملڪ ۾ ڪوبه قانون نه آهي. پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچايو. حملن ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته ڳجهيون رپورٽون آهن ته آرمي ٺڪاڻن تي حملو ڪندڙ 30 کان 40 ماڻهو زمان پارڪ ۾ موجود آهن. پي ٽي آءِ قيادت 24 ڪلاڪن ۾ انهن دهشتگردن کي قانون جي حوالي ڪري. جناح هائوس تي حملي دوران وڳوڙي زمان پارڪ سان رابطي ۾ هئا. دهشتگردن جو ٽرائل فوجي عدالت ۾ ڪرڻ جو فيصلو ٿي ويو آهي.