راولپنڊي (م ڊ) پاڪستان جي فوجي قيادت اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪاميٽي ۽ آرمي چيف پاران پرويز مشرف جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر پنهنجي بيان ۾ چيو ته پرويز مشرف اڳوڻو صدر، جوائنٽ چيفس ۽ آرمي چيف رهيو، الله مرحوم جي خاندان کي صبر ۽ همت ڏي. انکانسواءِ نيول چيف ايڊمرل امجد خان نيازي به پرويز مشرف جي لاڏاڻي تي ڏُک جو اظهار ڪيو آهي.