اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزير دفاع خواجه آصف خبردار ڪيو ته سوات جو بگڙجندڙ ماحول وفاق کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿو، قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته 12-13 سالن جي وقفي کانپوءِ سوات ۾ ٻيهر بدامني جو ساڳيو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، بلوچستان ۾ ڏهاڪن کان عسڪريت پسندي جاري آهي، سوات ۽ ٻين علائقن ۾ پکڙيل باهه سڀني تائين پهچي سگهي ٿي،  وفاق کي خطرو ٿي سگهي ٿو، وفاقي وزير چيو ته ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ سلامتي جي معاملن جو فوري ۽ مستقل حل ڪڍيو وڃي، خواجه آصف چيو ته فوج، عدليه، سياستدان سڀني کان غلطيون ٿيون، سڀني ادارن کي خطرن کي فوري منهن ڏيڻ گهرجي، عمران خان مٿان تنقيد ڪندي هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ هن وقت اقتدار جي جنگ هلي رهي آهي، هڪ شخص کان آئيني طريقي سان اقتدار کسيو ويو اهو پاڪستان کي نقصان پهچائي رهيو آهي رياست کي بليڪ ميل ڪري رهيو آهي، هن رياست جي وجود کي پنهنجي اقتدار جي سياست سان جوڙي ڇڏيو آهي.