ٽنڊوباگو: شادي لارج وٽ ٿر ڪول روڊ تي لڳل ڌرڻي دوران فوت ٿيل معصوم ٻارڙي سميرا ڌيءُ محمد ايوب ڪنڀار جي لاش کي کوسڪي پوليس پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ تعلقه اسپتال ٽنڊوباگو تي کڻي آئي جتي فوت ٿيل ٻارڙي سميرا ڪنڀار جي وارثن پاران معصوم سميرا جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ نه ڏنو، جنھن تي فوت ٿيل ٻارڙي جي وارثن ۽ کوسڪي پوليس وچ ۾ منهن ماري ٿيڻ کان پوءِ فوت ٿيل ٻارڙي جي وارثن لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان سواءِ لاش ڳوٺ کڻائي ويا.