خانپور مهر: ڊي ايس پي اختر وسير پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس اھلڪار جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ويل ھئا، ان دؤران  ڳوٺ نبي بخش عالماڻيءَ ۾ ڄاڻايل واقعو پيش آيو. لاش پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي. سندس چوڻ هو ته فوت ٿي ويل ڳوٺاڻو عبدالقادر عالماڻي پوليس کي چوريءَ ڪيس ۾ گھربل ھو. مقتول عبدالقادر عالماڻي مٿان ٻڪريون چوريءَ ڪرڻ جي ايف آءِ آر غلام اڪبر جسڪاڻي ٽي مھينا اڳ خانپورمھر ٿاڻي تي داخل ڪرائي ھئي.