فواد چوڌري کي جيل موڪلڻ وارو فيصلو چئلينج

0
152

فواد چوڌري کي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻڻ وارو فيصلو سيشن جج جي عدالت ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي

 اسلام آباد جي سيشن جج پوليس ۽ ڪيس جي پراسيڪيوٽر جي درخواست تي فواد چوڌري کي ٻڌڻي دوران پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته جسماني رمانڊ بابت درخواست تي ٻڌڻي وقت جوابدار جو پاڻ عدالت ۾ پيش ٿيڻ ضروري آهي

 اسلام آباد جي جڊيشل ماجسٽريٽ وقاص راجا جي عدالت فواد چوڌري جو جسماني رمانڊ ڏيڻ واري اسلام آباد پوليس جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي

جڊيشل ماجسٽريٽ گذريل ڏينهن فواد چوڌري کي 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو هو