اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نواز ليگ جِي ترجمان ريم اورنگزيب چيو آهي ته شهباز شريف تي اڍائي سالن کان لڳل الزامن جا ثبوت ناهن مليا، لاهور هاءِ ڪورٽ قرار ڏنو ته جوابدار خلاف ڪوبه ثبوت ناهي، هاڻي حڪمران چون ٿا ته قوم اڳيان نوان ثبوت آڻينداسين، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم سعودي عرب مان فطري جا چانور کڻي آيو آهي، عمران خان ڪشمير جو سودو ڪرڻ بعد ماڻهن جي سوالن کان بچڻ لاءِ حديبيه پيپر ملز جو ڪيس ٻيهر کولي ڇڏيو، هن چيو ته فواد چوڌري هڪ ڀيرو ٻيهر جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي حملو ڪيو، هڪ هفتي ۾ قاضي فائز تي ٽيون حملو آهي، سپريم ڪورٽ کي نوٽيس وٺڻ گهرجي.