فواد چوڌري جي گرفتاري: عمران خان جون پارٽي اڳواڻن کي هدايتون، اڄ پريس ڪانفرنس جو اعلان

0
155

فواد چوڌري جي گرفتاري:

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته امپورٽڊ حڪومت مون کي ڪڏهن به گرفتار نٿي ڪري سگهي

لاهور ۾ چيئرمين جي زمان پارڪ واري رهائشگاهه تي تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جو احتجاج ۽ عمران خان جي امڪاني گرفتاري جي معاملي تي پارٽي سربراهه سينيئر قيادت سان مشاورت مڪمل ڪري ورتي آهي

ذريعن موجب تحريڪ انصاف عمران خان جي امڪاني گرفتاري جي حوالي سان مشاورت ڪري ورتي آهي ۽ ان حوالي سان عمران خان تحريڪ انصاف جي مرڪزي قيادت کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن

ذريعن موجب تحريڪ انصاف جا ڪارڪن مختلف شفٽن ۾ عمران خان جي رهائشگاهه ٻاهران احتجاج ڪندا، پارٽي جي سينيئر قيادت ان حوالي سان سمورن ٽائون ۽ ضلعي صدرن کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن

ذريعن موجب عمران خان پارٽي اڳواڻن سان ڳالهائيندي چيو آهي ته امپورٽڊ حڪومت مون کي ڪڏهن به گرفتار نٿي ڪري سگهي، هُنن جا پنهنجا ڪيس عدالتن ۾ آهن

عمران خان جو چوڻ هو ته 22 ڪروڙ عوام تحريڪ سان گڏ آهي، فواد چوڌري تحريڪ جي هر اول دستي جو ڪارڪن آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اڄ شام 4 وڳي اهم پريس ڪانفرنس به ڪندو جنهن جو اطلاع هُن سوشل ميڊيا تي ڏنو آهي

هي به پڙهندا

فواد چوڌري جي گرفتاري بابت سندس گهرواري جو بيان سامهون اچي ويو