فواد چوڌري جي جسماني رمانڊ تي درخواست رد، جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي

0
175
اسلام آباد جي احتساب عدالت فواد چوڌري جو وڌيڪ 6 ڏينهن لاءِ جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو
اسلام آباد جي احتساب عدالت فواد چوڌري جو وڌيڪ 6 ڏينهن لاءِ جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي عدالت پي ٽي آءِ جي گرفتار اڳواڻ فواد چوڌري جي جسماني رمانڊ واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، عدالت فواد چوڌري جون هٿڪڙيون کولڻ ۽ گهر ڀاتين سان ملاقات جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي

جاچ آفيسر ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد آڏو دليل ڏيندي چيو ته فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن خلاف نفرت پيدا ڪري رهيو آهي، سندس بيان سان اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز لاءِ جان جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي

جاچ آفيسر عدالت کي درخواست ڪئي ته وڌيڪ جاچ لاءِ سندس جسماني رمانڊ ۾ واڌ ڪئي وڃي، اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته فواد چوڌري واقعي سينيئر اڳواڻ آهي پر قانون کان مٿي نه آهي، فواد چوڌري جي بيان جو مقصد اليڪشن ڪميشن کي ڀت سان لڳائڻ آهي

فواد چوڌري روسٽرم تي اچي چيو ته جيڪو مون بيان ڏنو اهو منهنجي پارٽيءَ جو موقف آهي، تحريڪ انصاف جو ترجمان آهيان ۽ مون کي پنهنجي پارٽيءَ جي ترجماني ڪرڻي آهي

 فواد چوڌري جي وڪيل بابر اعواڻ چيو ته ڇا فواد چوڌري ڪلڀوشن آهي جو سندس منهن تي ڪپڙو وجهي عدالت ۾ پيش ڪيو پيو وڃي، منشي لفظ جي استعمال تي اليڪشن ڪميشن کي ايڏي ڪاوڙ ڇو لڳي آهي

عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري جي جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪندي ان کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي

هي به پڙهندا

فواد چوڌري جي بازيابي ڪيس: عدالت آءِ جي پنجاب ۽ اسلام آباد کي طلب ڪري ورتو