اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري پي ٽي آءِ اسيمبلي ميمبرن جي استعيفائن جي منظوري جي حوالي سان چيف جسٽس آف پاڪستان جي راءِ کي آئين سان ٽڪراءُ قرار ڏئي ڇڏيو. پي ٽي آءِ اسيمبلي ميمبرن جي استعيفائن جي مرحلي وار منظوري بابت ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ڪئي هئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پي ٽي آءِ ميمبرن کي هڪ ڀيرو ٻيهر قومي اسيمبلي ۾ اچڻ جي صلاح ڏيندي چيو ته عوام توهان کي 5 سالن لاءِ چونڊيو آهي، تحريڪ انصاف وارا اسيمبلي ۾ ويهي پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ان معاملي تي ردعمل ڏيندي فواد چوڌري چيو ته احترام سان، چيف جسٽس جي راءِ آئين سان ٽڪراءُ آهي، 5 سال اسيمبلي جو مدو آهي، ڀلي ان مدي کي اڳ ئي ٽوڙيو وڃي. فواد چوڌري چيو ته عوام هن اسيمبلي کي نمائنده نٿو سمجهي، چونڊ خرچن کان وڌيڪ قيمت اسان سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ڏئي رهيا آهيون، جنهن سان چونڊون روڪيون ويون. ان کان اڳ فواد چوڌري توهين عدالت جي ڪيس ۾ عمران خان جي وڪيل حامد خان کي گگو گهوڙو قرار ڏئي ڇڏيو، فواد تنقيد ڪندي چيو ته عمران خان کي عدالت ۾ ڳالهائڻ ئي ناهي ڏنو ويندو، هي معاملو عدالت، جج ۽ لاڳاپيل فرد وچ ۾ هوندو آهي پر ڪڏهن ڪو وچ ۾ اچي ويندو آهي ڪڏهن ڪو، حامد خان کي خبر ئي ناهي هوندي، منهن کڻي وچ ۾ اچي ويندو آهي، مون ته عمران خان کي چيو هو ته ڪهڙي گگو گهوڙي کي وڪيل رکيو آهي، اوهان پاڻ عدالت ۾ ڳالهايو، هن چيو ته جيڪڏهن الله ڪنهن کي عزت ڏئي ٿو ته ان کي سڀني کي عزت ڏيڻ گهرجي، عدالت ۽ ججن کي به ان شخص کي عزت ڏيڻ گهرجي.هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ هن چيو ته ملڪ ۾ اڻ چونڊيل عهديدار اصل فيصلي ساز آهن، فوج ۽ عدليا جو ڪردار آئيني ڪردار کان گهڻو اڳتي نڪري چڪو آهي، اسٽيبلشمينٽ گڏ نه هجي ته حڪومت ڪجهه ناهي ڪري سگهندي، ملڪ وڌيڪ اهڙي ريت نٿو هلي سگهي، فواد چيو ته پارلياماني سسٽم ئي ساٿ نه ڏئي ته عمران خان ڇا پئي ڪري سگهيو، سسٽم جي تبديلي لاءِ عوام پهريون ڀيرو عوام خان جي پويان بيهي رهيو آهي، اڳيان 2 رستا آهن،  يا فساد ۽ ويڙهه ٿيندي، ٻئي صورت ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ سياسي جماعتون گڏجي آئين مطابق شيون درست ڪن،