ڪراچي(اسپورٽس نيوز) هڪ تقريب کي خطاب ڪندي شاهد آفريدي چيو ته فواد عالم کي انگلينڊ خلاف اسڪواڊ ۾ شامل هئڻ گهرجي ها. هن کي کيڏڻ جو موقعو ملڻ گهرجي ها. هن قومي ٽيم بابت چيو ته ريڊ بال ۽ وائٽ بال جي الڳ الڳ ٽيم ٺاهڻ ڏکيو آهي، پاڪستان ٽيم سان گڏ اي ٽيم به ٺاهڻ گهرجي، بينچ اسٽرنٿ هوندي ته سڀني کي پرفارم ڪرڻو پوندو. آفريدي چيو ته ايئن نه ٿيڻ گهرجي ته شاهين يا بابر نه آهن ته ڪير هوندو، 92 جو ورلڊ ڪپ به اسان اهڙي طرح کٽيا هئاسين، جيڪي غلطيون ڪيون اهي ڪوچز کي معلوم آهي. قطر ۾ جاري فيفا ورلڊ ڪپ جي حوالي سان شاهد آفريدي چيو ته منهنجي پسنديده ٽيم جرمني آهي، انگلينڊ جي ٽيم به پسند آهي، هن چيو ته اپ سيٽس ٿيڻ سان فيفا ورلد ڪپ ۾ جان پئجي وئي آهي.