اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت پاران فواد چوڌري جي گرفتاري بابت چيو ويو آهي ته اها گرفتاري سياسي ناهي، فواد چوڌري ادارن جي سربراهن کي ڌمڪيون ڏنيون، سندس ڏوهه معافڪرڻ جهڙو ناهي، ان سلسلي ۾ سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فواد چوڌري جي گرفتاري کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن اسان کي سياسي گرفتاريون ڪرڻيون هجن ها ته تحريڪ انصاف جي سموري قيادت هن وقت جيل ۾ هجي ها. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته فواد چوڌري جي گرفتاري سياسي نه آهي. عمران خان جي دور ۾ سياسي گرفتاريون ڪيون ويون. وزير گرفتارين کان اڳ گرفتارين بابت پريس ڪانفرنس ڪندا هئا. مريم اورنگزيب چيو ته فواد چوڌري خلاف اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي. 9 مهينن کان اسان حڪومت ۾ آهيون ۽ تحريڪ انصاف جا اڳواڻ به گهڻو ڪجهه ڳالهائي رهيا آهن. عمران خان جي دور ۾ پيءُ جي سامهون ڌيءَ کي گرفتار ڪيو ويو، اهو سياسي انتقام هو، شهباز شريف کي گرفتار ڪيو ويو، سندس ڌيءَ جي گهر مٿان حملو ڪيو ويو. هن چيو ته نهال هاشمي جي سزا تي عمران خان خوشي وچان ٽوئيٽ ڪيو هو. نهال هاشمي جي بيان جي اسان جي پارٽي طرفان مذمت ڪئي وئي. فريال ٽالپر کي عيد واري ڏينهن اسپتال مان گهلي جيل ۾ وڌو ويو. وفاقي وزير چيو ته عوام کي هاڻ فيصلو ڪرڻو پوندو ته ڪٿان کان لائن ڇڪڻي آهي. پاڪ فوج خلاف تحريڪ انصاف جي ٽوئيٽر اڪائونٽس تان مهم هلائي وئي، هي هاڻ آئيني ادارن کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته اسان جي اڳواڻ خلاف فيصلو آيو ته اوهان جو جيئڻ مشڪل ڪري ڇڏينداسين. جيڪڏهن ڪنهن ٻئي کي ادارن کي ڌمڪي ڏيڻ جي اجازت ڏني وئي ته پوءِ اهو حق عوام کي به ملڻ گهرجي. هوڏانهن نواز ليگ اڳواڻ عطا تارڙ ۽ عابد شير علي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته فواد چوڌري جو ڏوهه معاف ڪرڻ جهڙو ناهي، هُن آئيني ادارن جي سربراهن کي قبر تائين پهچائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، آئيني ادارن جي سربراهن خلاف مهم هلائڻ ملڪ خلاف غداري آهي: عابد شير علي چيو ته اوهان پاڪستان جي سيڪيورٽي ادارن تي بهتان هنيا، ڇا توهان پاڪستان کي پنهنجي پيءُ ڏاڏي جي جاگير سمجهو ٿا؟ فواد چوڌري جي گرفتاري قانون جي دائري ۾ ٿي آهي، نواز شريف سان به ظلم ڪيو ويو هو، فواد چوڌري کي ڪنهن حق ڏنو آهي ته هو اليڪشن ڪميشن خلاف ڳالهائي، آئيني ادارن جي سربراهن ۽ سندن خاندانن کي ڌمڪائڻ ريڊ لائن آهي.