اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ڊائريڪٽر جنرل حج جده جي عهدي تي فهيم خان آفريدي کي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن بعد مذهبي مامرن جي وزارت  گريڊ 19 جي آفيسر فهيم آفريدي کي بطور ڊائريڪٽر جنرل حج مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو،  نوٽيفڪيشن موجب اها مقرري ٽن سالن جي عرصي لاءِ هوندي.