ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو) سنڌ اسيمبلي مان سنڌ ورڪرز ويلفيئر فنڊ بل سميت ٻه سرڪاري بل منظور:  رٿابندي کاتي جو قلمدان رکندڙ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان سنڌ ۾ عورتن جي مدد ڪري  کين پنهنجن پيرن تي بيهارڻ چاهيون ٿا  اهو ئي سبب آهي ته پ پ کي وڌ کان وڌ ووٽ عورتون ئي ڏينديون آهن، سنڌ  ۾ ترقياتي منصوبا آخر ۾ تڪڙا مڪمل ٿيڻ جواصل ڪارڻ پئسن جو دير سان ملڻ ئي آهي، ڪالهه رٿابندي کاتي بابت سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته سنڌ  ۾ 2010 ع جي ٻوڏ دوران غربت جي خاتمي وارو پروگرام شروع ڪيو هو، جيڪو هن وقت  سڄي سنڌ ۾ هلي پيو، هن چيو ته 54415 جي ٽارگيٽ مان 35 هزار عورتن کي ڪاروبار توڙي هنر لاءِ رقم ڏني وئي،جڏهن ته  سستا گهر اسڪيم تحت 28695 گهرن جي ٽارگيت مان 20 هزار گهر ٺاهي ڏنا آهن، ان حوالي سان سنڌ سرڪار 12 ارب رپيا خرچ ڪيا آهن هن چيو ته 19/2018 ۾ تمام گهٽ روينيو ( وصوليون) گڏ ٿيو هو، انهي ڪري به اسڪيمون متاثر ٿيون، ترقياتي منصوبن کي آخر ۾ فنڊ مڪمل ملي ويندا آهن، جنهن ڪري آخر ۾ تڪڙ ۾ ڪم ٿي ويندو آهي، ائين ناهي ته آخر ۾ فنڊ وڌيڪ ملڻ بعد رڳو ڪاغذن ۾ خرچ ڏيکاريو ويندو آهي، سنڌ ٻهراڙي جي ڪوٽا بابت سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته ڪميشن ذريعي 14 پلاننگ آفيسر رکيا ويا، انهن کي آرڊر ڏيڻ وقت سرڪاري قانون تي عمل ڪيو ويو، هن چيو ته سنڌ جي سامونڊ پٽي  ۾ جيٽيون توڙي روڊ ٺاهيا ويا آهن، وڏي وزير جي هدايت تي سنڌ ۾ غربت جي خاتمي واري پروگرام بابت ٺهيل وڊيو به ايوان کي ڏيکاري وئي،  هوڏانهن ايوان ۾ سنڌ شهري غير متحرڪ پراپرٽي ٽيڪس ترميمي بل متعارف ڪرايو ويو، جڏهن ته  سنڌ ورڪرز ويلفيئر فنڊ بل ۽ سنڌ ڪمپنيز پرافٽ ۾ مزدورن جي شراڪت وارو  ترميمي بل منظور ڪيا ويا، پورهئي کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته نئين بل هيٺ ورڪرز ويلفيئر بورڊ لاءَ اوڳاڙي ايس آر بي حوالي ٿي ويندي، ايوان ۾ 5 مان رڳو 2 ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ٿي سگهيا، جڏهن ته 3 نوٽيس ميمبرن جي غير حاضري سبب پيش نه ٿيا ايم ڪيو ايم جي رعنا انصار جي تعليمي ادارن ۾ منشيات جي وڪري خلاف پيش ڪيل ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي  تعليم واري وزير سردار شاهه چيو ته خانگي اسڪولن بابت شڪايتون آيون آهن پر اهڙي ڪا به رپورٽ سامهون نه آئي آهي ته تعليمي ادارن ۾ منشيات يا نشي واريون شيون وڪرو ڪيون پيون وڃن، هن چيو ته منشيات کي روڪڻ بابت ايڪٽ موجود آهي، پر ان ۾ اهو ناهي  ته جيڪڏهن  ڪو اسڪول اهڙين سرگرمين ۾ ملوث هجي ته ان کي سزا ڏياري سگهون ،ان لاءِ ترميم جي ضرورت آهي، ڪالهه اسيمبلي ۾ بلوچستان ۾ فوجي هيلي ڪاپٽر جي حادثي ۾ شهيد ٿيل آفيسرن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ وارو ٺهراءُ ميمبرن اٿي بيهي منظور ڪيو ،