اسلام آباد (بيورو رپورٽ) غيرقانوني پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي وڪيل عبوري جواب جمع ڪرايو، تحريڪ انصاف جي وڪيل جامع جواب جمع ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ 8 هفتن جو وقت ڏيڻ جي استدعا ڪئي، چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ پنج رڪني بينچ تحريڪ انصاف جي درخواست منظور ڪندي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ 6 هفتن جي مهلت ڏني ۽ ٻڌڻي 6 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.