ڪراچي (م ڊ) قانوني ماهر حامد خان چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان تحريڪ انصاف کي ڌچڪو  لڳندو، آئون سمجهان ٿو ته عمران خان لاءِ صدمو آهي، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي قانوني ماهر حامد خان چيو ته عمران خان کي معاشي صلاحڪار بيان ٺاهي ڏنو، ان کي هن سرٽيفاءِ ڪيو، ڇاڪاڻ پارٽي وڏي ٿي چڪي آهي، کيس گهڻي فنڊنگ ايندي آهي.  هن چيو ته مونکي نٿو لڳي ته عمران خان ۾ بدنيتي جو عنصر هو، معاشي ٽيم کان غلطي ٿي سگهي ٿي، هڪ سوال تي حامد خان چيو ته اسد عمر پارٽي جو دفاع ڪيو آهي پر اها ڳالهه سندس درست آهي ته سرٽيفڪيٽ ۽ حلف نامي ۾ فرق هوندو آهي، حلف نامي ۾ ذاتي ڄاڻ اچي ويندي آهي ۽ سرٽيفڪيٽ ۾ اهو لکيل هوندو آهي ته جيڪو منهنجي علم ۾ آهي، آئون ان تي يقين ڪريان ٿو، باقي ايئن ناهي ته سرٽيفڪيٽ جي قانوني حيثيت ناهي، ان جي قانوني حيثيت آهي، ايئن ٿيندو آهي ته پارٽي سربراهه کي نه هڪ، هڪ اڪائونٽ چيڪ ڪرڻ جي مهارت هوندي آهي ۽ نه وري ان جو وقت هوندو آهي، ان ۾ معاشي ٽيم جي وڏي ڪوتاهي آهي ته اهڙي قسم جو معاملو آهي، هن چيو ته آئون نٿو سمجهان ته جيڪڏهن ڪنهن پرڏيهي فنڊنگ ڪئي آهي ته ان جي پارٽي سربراهه کي اڳواٽ خبر هوندي، گهڻا ماڻهو اهڙا آهن، جن وٽ پهرين پاڪستاني شهريت هئي ۽ پوءِ آمريڪي شهريت ۾ هليا ويا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار جي صدر شعيب شاهين چيو آهي ته تحريڪ انصاف کي جيڪو شوڪاز نوٽيس ڏنو ويو آهي،ان ۾ ڪجهه تحقيق ضرور آهي، جيڪي پي ٽي آءِ خلاف وڃن ٿيون، پاڪستان جو ڪوبه شخص مڃڻ لاءِ تيار ناهي ته عمران خان بدييانت آهي. هن چيو ته پرڏيهي فنڊنگ ۽ پابندي پيل فنڊنگ ۾ فرق آهي،