اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي فارين فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، ٻه ٻيا به نوٽيس جاري، عمران خان کي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي، تفصيل موجب اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي 3 نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا،  اليڪشن ڪميشن ڪالهه پي ٽي آءِ جي پرڏيهي فنڊنگ کي ضبط ڪرڻ لاءِ باضابطه طور تي پي ٽي آءِ چيئرمين کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي ان حوالي سان چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ ٻڌڻي ڪندڙ بينچ سامهون 23 آگسٽ تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ٻيو نوٽيس پي ڊي ايم جي درخواست تي عمران خان جي نا اهلي واري درخواست تي ڏنو ويو، ٻڌڻي 18 آگسٽ تي ٿيندي، ٽيون نوٽيس نواز ليگ جي ايم اين اي محسن رانجها جي درخواست تي ڏنو ويو نا اهلي بابت ٻڌڻي 24 آگسٽ تي ٿيندي، توشه خانه اسڪينڊل جي بنياد تي عمران خان خلاف درخواست ڏني وئي هئي.