فلڊ ڊائري … مالڪيءَ کان وانجھيل ايف پي بند وارا ٻوڏ متاثر

0
448
مالڪيءَ کان وانجھيل ايف پي بند وارا ٻوڏ متاثر

 45 ورھين جو شفيق ڏيرو ٻوڏ بعد ٽيڪسي ڪار ڇڏي ميھڙ کان فريدآباد تائين ٻيڙي ھلائي پنھنجي 8 ٻارڙن سميت 10 ڀاتين جو گذر سفر ڪري ٿو، پر ھو 6 ننڍڙا ٻارڙا بيمار ھجڻ سبب سخت پريشان آھي. گھر جا خرچ پکا برداشت ڪرڻ ۽ ڪمائڻ وارو ھو اڪيلو ئي آھي، ھن وٽ ايترا پئسا ناھن جو انھن ٻارڙن کي ٻيٽ بڻيل پنھنجي ڳوٺ مان ڪڍي شھر مان علاج ڪرائي سگھي.

                 صبح کان سج لٿي تائين ٻيڙي ھلائڻ تي کيس ڏھاڙي ھڪ ھزار رپيا ملي ٿي. ھن وقت ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ٻيڙين جو ڪاروبار چمڪي پيو آھي، پئسي وارا ماڻھو ٻيا ڌنڌا ڇڏي ٻيڙيون خريد ڪري شفيق جھڙن مقامي ماڻھن حوالي ڪري ھر روز ھزارين رپيا ڪمائي رھيا آھن. ميھڙ کان سپريو بند ۽ ڇنڊڻ (ايم اين وي ڊرين) تائين ٻيڙي بـُڪ ڪرائڻ تي ھڪ پاسي جا 11 کان 14 ھزار رپيا ورتا وڃن ٿا. ان رستي شفيق موجب 40 کان 50 ٻيڙيون ھلن ٿيون ۽ ھر روز ھڪ ٻيڙي ٽي کان چار چڪر ڏئي ٿي. مقامي ماڻھو جيڪي شھر اچن ٿا في ماڻھوءَ کي 5 سئو رپيا ڀاڙو ڀرڻو پوي ٿو. شفيق لاچاري واري ڪيفيت ۾ چوي ٿو ” 40 ھزار رپين تائين اسان ٻيڙي مالڪ کي ڪمائي ڏيون ٿا پر ان مان ڏھاڙي ھڪ ھزار رپيا ملن ٿا، جيڪي گھر ھلائڻ لاءِ صفا ڪجھه به ناھن، مھانگائي چوٽ چڙھيل آ، دوائون اڻ لڀ آھن، ماڻھو ڪاڏي وڃي.”

شفيق جي ٻيڙي تي لڳ ڀڳ 14 ماڻھو ھئاسين، جيڪي عوامي ورڪرز پارٽيءَ جا دوست ھئا، اھي فريدآباد ايف پي بند تي طبي ڪيمپ لڳائڻ پئي ويا. 2 کان اڍائي ڪلاڪن جي سفر دوران شفيق سان ڪچھري به ھلندي رھي ۽ پاڻيءَ ۾ ٻڏل ڳوٺن تي نظر به پوندي رھي. ميھڙ جي قاضي عارف ڳوٺ کان ايف پي بند تائين رڳو پاڻي ئي پاڻي ھو، جنھن ھيٺ ڪيترائي ڳوٽ اچي ويا آھن، ائين پئي لڳو ته ھي ڄڻ ته درياھ ھجي. پاڻي ۾ وڻ چوٽيءَ تائين ٻڏل، ڳوٺن جا گھر دروازن کان مٿي تائين ٻڏل، بجليءَ جا ٿنڀا اڌ اوچائيءَ تائين ٻڏل ۽ ٻيڙين تي ايندڙ ويندڙ مقامي ماڻھن جا مرجھايل چھرا ڏسي ھڪ عجب منظر پئي لڳو….!

ڇنڊڻ موري (ھڪ ڳوٽ جيڪو بلڪل ٻيٽ بڻيل آھي، چوڌاري پاڻي آھي.) پھچڻ کان پوءِ فريدآباد ايف پي بند وڃڻ لاءِ ٻيڙي مٽائڻي پئي. ڇنڊڻ موري ڀرسان ڳوٺ ۾ ٻه ٽي سئو گھر آھن جيڪي مڪمل طور تباهه آھن، سڄي آبادي موري واري بند تي کٽن، رلھين، لڪڙن ۽ ڪپڙن جي مدد سان پنھنجا اجھا ٺاھي ويٺي آهي. ھڪ اجھي ۾ ويٺل بيمار پيرسن ٻڌايو ته ” اسان جو سڄو ڳوٺ بيمار پيل آھي، دوائون ته پري جي ڳالھه پر کائڻ لاءِ ھڪ ماني ۽ لپ چانور به ناھن مليا، ٻوڏ جو زھريلو پي ساھ کڻي رھيا آھيون. ووٽ وٺندڙ گم آھن، بي يارو مددگار ۽ مرڻ جي انتظار ۾ ھتي ترسيا پيا آھيون”. اتان ٻي مقامي ماڻھو ٻڌايو ته مليريا ۽ ٻين بيمارين سبب گذريل ڏينھن کان فوتگيون ٿيون آھن، سرڪاري سطح واري طبي ڪميپ به ناھي لڳي، نه ئي وري راشن مليو آ، ڪجھه سياسي سماجي تنظيمون پنھنجي وس آهر اچي واھر ڪري رھيون آھن. وڪيل دوست عاشق سولنگي ٻڌايو ته وري به جس ھجي عوامي ورڪرز پارٽيءَ وارن دوستن کي جيڪي ايڏو ڊگھو سفر ڪري ھنن ماروئڙن جي سار لھڻ لاءِ پھتا آھن باقي سرڪار نالي ڪا شيءِ ھتي ناھي پھتي. ڇنڊڻ موري تي ڪجھه پل ترسي وري فريدآباد ايف پي بند وڃڻ لاءِ ٻيڙي مٽائي، ڏيڍ ڪلاڪ جي سفر کانپوءِ ايف پي بند پڳاسين پر اتي ٻيڙيءَ جو پتڻ ئي نه پئي مليو جتان اسان لھي سگھون. ناکئي چيو ته ھتي ته پتڻ ئي ناھي، فريدآباد واري پاسي پتڻ آھي، عالي وال ڳوٺ (جيڪو ايف پي بند ڀرسان آھي) ڏانھن پھريون دفعو آيا آھيون. اسان کيس چيو ته ان ڳوٺ ڏانھن وڃڻو آھي ڏس ٻيڙي بيهارڻ لاءِ ڪا ٽَل ڪر. ھن چيو ته ٺيڪ آ ڏسون ٿا پر لڳي ڏکيو ٿو. ناکئو پتڻ جي ڳولا ۾ ٻيڙي ھيڏانھن ھوڏانھن ڦيرائيندو رھيو ۽ رستو ڀلجي ويو. پاڻي ۾ ھڪ اھڙي ھنڌ وڃي ٻيڙي پھتي جتي لئي جا وڻ ھئا، جيئن ئي ٻيڙي انھن لون مان گذرندي وئي ته انھن مان مڇرن ۽ جيتن جا ڪٽڪ اڏامي اچي اسان واري ٻيڙيءَ تي حملي آور ٿيا، اسان مڇرن کان بچڻ لاءِ ھٿ پير ھڻي دانھن ڪري ناکئي کي چيو ته ھتان ٻيڙي جلدي ڪڍ. ائين پوءِ اڌ ڪلاڪ جي جستجو کانپوءِ نيٺ ناکئي ايف پي بند ڪناري اھڙي جاءِ پھچايو جتي پتڻ نه پر ڪجھه آلاڻ ھئي، ان جاءِ کي ناکئي پتڻ بڻائي چيو ته ھتان لھو. نيٺ اسان ٻيڙيءَ مان لھي بند مٿان پھچڻ ۾ ڪامياب بڻياسين.

ايف پي بند تي ان ھنڌ وٽان قطار ۾ سوين اجھا اڏيل ھئا، جن ۾ ويٺل ٻارڙا، عورتون، پوڙھا پڪا ان انتظار ۾ ھئا ته ڪو اچي اسان جي سار لھي. اتي طبي ڪيمپ لڳائي، ماڻھن جو تعداد تمام گھڻو ھو. ھر ماڻھوءَ جي وات تي ھڪ شڪايت، بيوسيءَ لاچاري وارا لفظ ھئا. ڪيمپ جڏھن پوري ٿي ته ڊاڪٽرن کان حال احوال ورتو، جن ٻڌايو پئي ته 5 کان 6 سئو مريض ھئا، جيڪي مليريا، چمڙيءَ ۽ بک سبب ڪمزوري وارين بيمارين ۾ ورتل ھئا. ماڻھن ٻڌايو ته ھر ٻار بيمار آھي، دوا ناھي، کائڻ لاءِ ڪجھه به ناھي، ڪيڏانھن وڃون؟ ھتان ڪنھن ٻي پاسي نڪري به نٿا سگھون. ھن ٻڌايو ته حمل ڍنڍ واري پاسي کان پاڻي لاٿ ڪئي آھي، پر ايف پي بند واري ميھڙ پاسي پاڻي گھٽ لاٿ ڪري ٿو. ان ڪري ته ايف پي بند کي لڳل گھارا اڃا بند ناھن ڪيا ويا، پاڻي جو وهڪرو جاري آھي. جيڪڏھن اھي گھارا بند ڪيا وڃن ته پوءِ اسان جي ڳوٺن مان به پاڻي لھي ويندو.

طبي ڪميپ جو انتظام ڪندڙ عوامي ورڪرز پارٽيءَ جي اڳواڻ نجي چنه ٻڌايو ته ھتي حالت ڏاڍي ابتر آھي، ھر ٻوڏ متاثر بيمار آھي، وڏي ڳالھه ته ھتي اسان کان اڳ ڪنھن به طبي ڪيمپ ناھي لڳائي. ماڻھو تمام گھڻا آھن، کين دوائن ۽ راشن جي سخت ضرورت آھي، اسان پنھنجي وس آهر جتي پڄي سگھون ٿا اتي پھچون ٿا، پر ان سان گڏ اسان ماڻھن کي آگاھي به ڏيون پيا ته راشن ٻه ٽي ڏينھن يا ھفتو ھلندو پوءِ وري ساڳي حالت ھوندي ان ڪري اسان کي مزاحمتي جدوجھد ڪرڻ گھرجي ۽ انھن ظالم حڪمرانن کي ٻڌائجي ته اسان پنھنجو حق وٺون ٿا خيرات نه.  ايتري ۾ سج به لھي چڪو ھو، ناکئي چيو ته ھلڻ جي ڪيو رات وقت سفر ڪرڻ ٺيڪ ناھي. تڙ تڪڙ ۾ ٻيڙي تي نڪتاسين، سموري رستي دوران مڇرن پنھنجو وارو وڃايو، پر ھن ڀيري اسان مڇر ڄاريون پاڻ مٿان اوڍي ڇڏيون. ميھڙ پھتاسين ته انھن مڇر ڄارين مٿان مڇرن جا ڪٽڪ ويٺل ھجن. حيرت ٿي ته ھھڙي صورتحال ۾ مقامي ٻوڏ متاثر ڪيئن پنھنجا ڏينھن راتيون گذارين ٿا…..!