لاهور(شوبز نيوز) جيو فلمز جي پيشڪش، انسائيڪلو ميڊيا ۽ لاشاري فلم جو شاهڪار “دي ليجنڊ آف مولا جٽ” جون ڪلپس ۽ ريڪارڊنگز سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندڙن لاءِ اداڪار حمزه علي عباسي هڪ بيان جاري ڪيو آهي. ٽوئٽر تي مولا جٽ ۾ نوري نٿ جو ڪردار نڀائيندڙ حمزه علي عباسي طرفان چيو ويو آهي ته فلم مولا جٽ جا سين، ريڪارڊنگز ۽ ويڊيوز پنهنجي چينل ۽ سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي شيئر ڪندڙن خلاف سخت ايڪشن ورتو ويندو. ٻئي طرف حمزه علي عباسي ان حوالي سان بلاول لاشاري جو به هڪ ٽوئٽ شيئر ڪيو جنهن ۾ لکيل آهي ته منهنجا پيارا ڀائر ۽ ڀينرون گهڻو خوش آهيان ته اوهان سڀني کي فلم ايتري گهڻي پسند اچي رهي آهي پر سينيما اسڪرين جي فون تان وڊيو ٺاهي پوسٽ نه ڪريو اهو ڏوهه آهي ۽ جنهن فلم نه ڏٺي آهي ان جي فلم خراب نه ڪريو، اوهان جي مهرباني.فلم جي ڪاسٽ ۾ فواد خان، ماهره خان، حمزه علي عباسي، حمائمه ملڪ، گور رشيد ۽ ٻيا شامل آهن. واضح رهي ته مولا جٽ فلم دنيا ۾ رليز ڪئي وئي آهي ۽ بهترين بزنس ڪري رهي آهي.