فلمن ۾ پاڪستانين کي هميشه خودڪش بمبار يا دهشتگرد ڏيکاريو ويندو آهي: جمائما

0
230

عمران خان جي اڳوڻي گهر واري جمائما گولڊ سمٿ جو چوڻ آهي ته فلمن ۾ پاڪستانين کي دهشتگرد يا خودڪش بمبار ڏيکاريو ويندو آهي

برطانوي نشرياتي اداري سان ڳالهه ٻولهه ۾ پروڊيوسر ۽ اسڪرين رائٽر جميما پنهنجي فلم (What’s Love Got To Do With It) )بابت ڳالهايو ۽ چيو ته هي فلم سندس پنهنجي زندگي جي عڪاسي ڪري ٿي

جمائما موجب ايندڙ فلم اسلامو فوبيا جهڙن مسئلن کي چيلينج ڪندي

هن چيو ته فلمن ۾ مسلمانن جون مثبت تصويرون گهٽ ئي ڏيکاريون وينديون آهن، پاڪستانين کي هميشه دهشتگرد يا خودڪش بمبار ڏيکاريو ويندو آهي

برطانوي پروڊيوسر پنهنجي ٻارن سان گڏ گهمڻ جو تجربو ٻڌائيندي چيو ته مان جڏهن به پنهنجن پٽن سان گڏ ڪنهن ٻئي ملڪ خاص ڪري آمريڪا ويندو آهيان ته پاڪستاني نالن جي ڪري غير معمولي سوالن کي منهن ڏيندو آهيان

برطانوي فلم پروڊيوسر جميما جو چوڻ هو ته ”اها فلم ٺاهڻ تمام ڏکيو آهي جتي آمريڪا ۾ سٺا مسلمان هجن، منهنجي خيال ۾ اسلامو فوبيا هڪ وڏو ۽ حقيقي مسئلو آهي