ڪراچي: سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ڪراچي جي ڪمشنر کي شهر جي سمورن علائقن ۾ ڪارروائي جو اختيار ڏيندي فلاحي پلاٽن تي اڏيل شادي هالن خلاف ڪارروائي جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت ڪورنگي ڪراسنگ کان ناصر جمپ تائين شادي هال ڊاهڻ خلاف داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي اڄ جمعي ڏينهن تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ڪالهه ڪراچي رجسٽري ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪراچي جي ڪمشنر رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪندي موقف اختيار ڪيو ته غير قانوني شادي هال ڊاهي ڇڏيا آهن. ان موقعي تي شادي هالن جي مالڪن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪورنگي ۾ ڪمرشل روڊ تي واقع شادي هالن کي ڊاٺو پيو وڃي، اهي شادي هال قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کانپوءِ ٺاهيا ويا آهن. ان موقعي تي عدالت چيو ته اوهان ايس بي سي اي جي منظوري ڏيکاري رهيا آهيو، اهِڙي منظوري جي ڪهڙي حيثيت آهي؟ ايس بي سي اي وٽ رهائشي پلاٽن کي ڪمرشل ڪرڻ جو اختيار ڪٿي آهي؟ چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اهي سڀ جعلي ڪاغذ ٺهيل آهن. عدالت ڪورنگي ڪراسنگ کان ناصر جمپ تائين شادي هال ڊاهڻ خلاف داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.