خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ قتل ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد ٿيل جوابدار کي پوليس مبينا طور کنڀي اڻ ڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو، ايس ايس پي خيرپور خلاف توھين عدالت جي درخواست داخل، عدالت ايس ايس پي کي عدالت ۾ طلب ڪري ورتو. خبر موجب قتل ڪيس ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۽ سيشن ڪورٽ خيرپور طرفان 10 ڏينهن اڳ ضمانت تي آزاد ڪيل جوابدار فقير عنايت ھيسباڻي کي خيرپور پوليس پوليس مبينا طور کنڀي اڻ ڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو. فقير عنايت ھيسباڻيءَ جي پٽ امداد ھيسباڻي دھشتگردي ٽوڙ عدالت خيرپور ۽ سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ ناليواري قانوندان شبير شر معرفت ايس ايس پي خيرپور خلاف توھين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. عدالت درخواست کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي ايس ايس پي خيرپور کي حڪم ڏنو آهي ته گرفتار ڪيل فقير عنايت ھيسباڻي کي 21 جنوري تي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. عدالت وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته جيڪڏهن فقير عنايت ھيسباڻي مٿان ڪو ٻيو ڪيس داخل آهي ته ان جو رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. واضح رهي ته ڳوٺ خوش خير محمد هيسباڻيءَ ۾ اسلم هيسباڻي جي قتل جي الزام هيٺ ايف آءِ آر ۾ عنايت هيسباڻيءَ جو نالو نامزد ڪيو ويو هو، 10 جنوري تي عدالت کيس ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو هو.