فقيرآباد (ن پ ا) فقيرآباد لڳ مهراڻ هاءِ وي تي مسافر ڪوچ جو جيپ کي ٽڪر، 4 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. خبر موجب فقيرآباد لڳ مهراڻ هاءِ وي تي بروهي موڙ وٽ جيپ کي تيز رفتار مسافر ڪوچ جي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ جيپ سوار چار ڄڻا فيصل ملڪ، ڪاشف ملڪ، زاهد ملڪ ۽ محمدعلي زخمي ٿي پيا. حادثي جو اطلاع ملڻ تي  پوليس پهچي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. جڏهن ته پوليس ڊرائيور کي گرفتار ڪري ڪوچ کي پڻ تحويل ۾ ورتو. آخري اطلاع تائين حادثي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.