ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) 70۽ 80ع وارن ڏهاڪن ۾ ڪاميڊي ڪنگ رهندڙ ففٽي ففٽي فيم اسماعيل تارا گردن جي تڪليف سبب 73 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، ان ڏس ۾  اسماعيل تارا جي فرزند ٻڌايو ته بابا کي 3 ڏينهن اڳ گردن جي تڪليف سبب خانگي اسپتال داخل ڪيو ويو هو، صبح کان وينٽليٽر  تي هو، ڊاڪٽرن 12ڪلاڪ اهم قرار ڏنا هئا، ڊاڪٽرن جي ڪوششن باوجود زندگي وفا نه ڪئي، ٻئي طرف گورنر ڪامران ٽسوري، سنڌ جي وڏي وزير مراد شاهه ۽  ثقافت واري وزير سردار شاهه اسماعيل تارا جي لاڏڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي