اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان کانپوءِ مريم نواز جِي به اوچتو طبيعت خراب، ٻنهي اڳواڻن ڪجهه ڏينهن لاءِ سياسي سرگرميون معطل ڪري ڇڏيون، جي يو آءِ ترجمان موجب مولانا فضل الرحمان جي ڪورونا ٽيسٽ نيگيٽو آئي آهي، کيس بُخار هجڻ سبب ڊاڪٽرن آرام جو مشورو ڏنو آهي،  ٻئي پاسي نو از ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي طبيعت خراب ٿي وئي، ڪجهه ڏينهن لاءِ سياسي سرگرميون معطل ڪيون ويون آهن، مريم اورنگزيب جوچوڻ آهي ته بخار ۽ ڳلي ۾ تڪليف سبب  مريم نواز ڪجهه ڏينهن لاءِ سياسي سرگرميون معطل ڪري ڇڏيون آهن، مريم نواز جي ڪورونا ٽيسٽ  به ڪرائي وئي، ڊاڪٽرز پاران  کيس آرام  جو مشورو ڏنو ويو آهي.