اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پي ٽي آءِ سان ڳالهين تي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان کي قائل ڪرڻ لاءِ سندس ڳوٺ ڊيرا اسماعيل خان پهچي ويو، بلاول ڀٽو زرداري پاران وفد جي صورت ۾ فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي وئي، ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ عدالتي فيصلن سوڌو ٻين معاملن تي صلاح مشورا ڪيا ويا، ذريعن موجب پ پ ۽ پي ڊي ايم جي قيادت وچ ۾ ملاقات هاڪاري رهي، ملاقات ۾ سياسي ڊائلاگ لاءِ پاڻ ۾ مشاورت ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته عيد کانپوءِ اتحادين جو اجلاس گهرائي ڊائلاگ بابت حتمي فيصلو ڪيو ويندو، ڊائلاگ ذريعي ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ بابت فيصلو اتفاق راءِ سان ٿيندو، فضل الرحمان ڪجهه ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ سان ڳالهين جي ڪوشش کي رد ڪيو هو. هوڏانهن بلاول ۽ فضل الرحمان جي ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي، نجي ٽي وي چينل موجب بلاول ڳالهين لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر فضل الرحمان انڪار ڪري ڇڏيو، فضل الرحمان چيو ته عمران ڀروسي جوڳو ماڻهو ناهي، جي يو آءِ ڳالهين جو حصو نه ٿيندي، جنهن کي ڳالهيون ڪرڻيون آهن اهي ڀلي ڪن.