اسلام آباد (م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان دهشتگردن جهڙي پريس ڪانفرنس ڪئي، سندس لاءِ احترام آهي پر شايد کيس روزو لڳو هو. خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته فضل الرحمان جي وات ۾ زبان پنهنجي ۽ لفظ نواز شريف جا هئا.  اڄ جيڪا ڳالهه ٻول مولانا فضل الرحمان ڪئي، اها کيس نٿي سونهي.  هن چيو ته هڪ ڳالهه ياد رکو ته آئين ، عدليا ۽ قانون کٽيندو، هي ذليل ۽ خوار ٿيندا. هنن چيو ته اسان روڊن تي اينداسين پوءِ اچن نه. ايئن نه ٿئي جو هي نه اچن اسين روڊن تي اچي وڃون.  هن چيو ته هي ڪهڙين منهن سان اليڪشن ۾ ويندا، هنن وٽ ڪجھهه به ڪونهي. عدالت واضح آهي ته قانون ۽ آئين کٽيندو.