اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان لاهور ۾ ڪالعدم قرار ڏنل تحريڪ لبيڪ جي ڪارڪنن سان پيش آيل واقعي جي مذمت ڪندي پي ٽي آءِ ۽ ان جي وزيرن کي دهشتگرد قرار ڏنو، مولانا فضل الرحمان تحريڪ لبيڪ سان ٿيل معاهدا پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته واضح اعلان ڪريان ٿو ته تحريڪ لبيڪ جي شهيدن جا جنازا اسلام آباد طرف روانا ڪيا ويا ته اسان انهن سان گڏ هونداسين، ڪالهه رات دير سان اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اڄ پوري قوم انتهائي ڏک جو شڪار آهي، لاهور ۾ ڪربلا برپا ڪئي وئي آهي ان کي رياستي دهشتگردي قرار ڏيان ٿو ۽ شديد مذمت ڪريان ٿو، ناموس رسالت لاءِ آواز اٿاريندڙن کي گوليون هنيون ويون آهن، هن چيو ته پي ٽي آءِ پاڻ 126 ڏينهن جو ڌرڻو هنيو، پي ٽي وي تي حملو ڪيو، هن چيو ته فرانس جي سفير کي هاڻي وڃڻو پوندو، فضل الرحمان چيو ته پي ٽي آءِ ۽ ان جا وزير دهشتگرد آهن، تحريڪ لبيڪ سان معاهدا ٿيا اهي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيا وڃن.