لاهور (م ڊ) پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چوڌري شجاعت حسين جي رهائش گاهه تي ساڻس ملاقات  ڪئي، جنهن ۾ ملڪي سلامتي ۽ ترقي لاءِ گڏجي اڳتي وڌڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ٻنهي اڳواڻن ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي صلاح مشوري سميت نئين حڪومت طرفان پيش ڪيل بجيٽ 23-2022 تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي جي يو آءِ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري سينيٽر مولانا غفور حيدري پڻ موجود هو. مولانا ففضل الرحمان ۽ ق ليگ اڳواڻ چوڌري شجاعت حسين چيو ته قومي حڪومت عوام کي پيش مسئلن جي حل لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي، ان سلسلي ۾ اڳتي پڻ مشاورت جو عمل جاري رکيو ويندو. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته موجوده حالتن ۾ سمورا اختلاف وساري گڏجي قوم کي معاشي بحران مان ڪڍڻ ترجيح  آهي، هنن چيو ته اڳوڻن حڪمرانن ويندي ويندي ملڪ کي معاشي بحران ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ گڏيل جدوجهد ضروري آهي.