اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان جي سنڍو سينيٽر حاجي غلام علي کي گورنر ڪي پي ڪي مقرر ڪيو ويو آهي، صدر عارف علوي جي يو آءِ سان تعلق رکندڙ سينيٽر غلام علي جي بطور گورنر خيبر پختونخوا مقرري جي منظوري ڏني، صدر منظوري آئين جي آرٽيڪل 101، هڪ تحت ڏني، وزيراعظم شهباز شريف سمري صدر کي اماڻي هئي جنهن جي منظوري بعد حاجي غلام علي گورنر ڪي پي ٿي ويو آهي، گورنر شاهه فرمان جي استعيفا بعد 6 مهينن کان ڪي پي جو گورنر مقرر نه هو، پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين ۾ نالي تي اختلاف هو، حاجي غلام علي مولانا فضل الرحمان جو سنڍو آهي، پشاور جو ناظم به رهي چڪو آهي، سندس پٽ زبير علي پشاور جو ميئر آهي. هوڏانهن ڪي پي ڪي جي نئين گورنر عهدي جو حلف کڻي ورتو.