فريدآباد(ن پ ا ) کنڀي گُم ڪيل ڪاڇي جي ٻن نوجوانن رياض خاصخيلي ۽ ظفر چانڊيو جي آزاديءَ لاءِ وارثن حاجي خان خاصخيلي ،ذاڪر چانڊيو ،علي چانڊيو ،حسين سنڌي، ۽ ٻين 109 ڏينهن به نِٽهڻ اُس ۾ بُک ھڙتال جاري رکي. هنن دانهيون ته اسان جا کنڀيل نوجوان بيگُناھ آهن جن جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪندا پيا اچون هنن چيو ته اسان جي احتجاج جو ڪوبه نوٽيس نٿو ورتو وڃي هنن چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف آف آرمي اسٽاف، چيف جسٽس آف سنڌ ۽ ٻين وس وارن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بيگُناھ کنڀي گُم ڪيل ظفر چانڊيو ۽ رياض خاصخيلي جي جبري گُمشدگي جو نوٽيس وٺي انھن کي آزاد ڪرائي انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ نوجوانن جي آزاديءَ تائين پُر امن احتجاج جاري رهندو.