فريدآباد(ن پ ا)  فريدآباد ڀرسان ڳوٺ قائم جتوئي ۾ جتوئي برادري جي ٻن ٽرانسپورٽرن  ولي محمد جتوئي ۽ خادم جتوئي وچ ۾ بس جي سواري کڻڻ تان جهيڙو ٿي پيو جهيڙي دوران لٺيون ڪھاڙيون سروٽا لڳڻ سبب ولي محمد، احمد، محمد، ذولفقار، ھشمت، ستار، سينگار عرفان جتوئي جڏهن ته ٻي ڌر جو خادم حسين، ظفر علي، خالد، لطف علي جتوئي  سميت 20 کان وڌيڪ ماڻهو رتورت ٿي پيا جهيڙي دوران فائرنگ ٿيڻ ڪري ڳوٺ ۾ خوف حراس ڇائنجي ويو ان دوران ڳوٺ جي عورتن ۽ مردن قرآن پاڪ وچ ۾ آڻي جهيڙو ٺاريو جنهن دوران زخمي 2 ڪلاڪن تائين واقعي واري جاءِ تي پيل رھيا. جهيڙي دوران ميھڙ مان پوليس طلب ڪئي ويئي فريدآباد ۽ قاضي عارف پوليس جهيڙيندڙ ڌرين وٽ پهچي زخمين کي کڻائي علاج لاءِ تعلقه اسپتال ميھڙ پھچايو جتان 5 کان وڌيڪ زخمين کي لاڙڪاڻو منتقل ڪيو ويو آهي.