فريدآباد(ن پ ا)  يونين ڪائونسل سيدپور جي ڳوٺ سيدپور ميرپور ۽ خوشحالي سولنگي جي ٻوڏ متاثرن سجاد حسين چانڊيو، قلندر بخش چانڊيو، فاروق سولنگي، سعد الله چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڇنڊڻ موري تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. هنن دانھيو ته ٻوڏ جي تباهڪارين کي 6 مھينا گذري ويا آهن پر سرڪار ھينئر تائين ڪابه وارثي مالڪي نه ڪئي آهي جنهن سبب کليل آسمان هيٺ ويٺل آھيون ھنن وڌيڪ چيو ته 4 مھينن کان اسان وٽ ڪابه اين جي او ڪم نٿي ڪري ضلعي ۾ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيمن کي سياسي بنيادن تي  ضلع انتظاميه مخصوص ڳوٺن ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي آهي جتي سياسي ماڻهن جي آشيرواد سان ماڊل ڳوٺ ٺاھيا پيا وڃن جڏهن ته مسلسل اسان جون آباديون نه ٿيڻ سبب اسان بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھيون.ھنن سي ايم سنڌ، وزيراعظم پاڪستان ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واھر ڪري کاڌ خوراڪ، گهر ٺاهي ڏيئي اعلانيل رقم جاري ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي