فريدآباد(ن پ ا) فريدآباد کان قائم جتوئي تائين ميھڙ فريدآباد روڊ جا ڪٽ بند نه ٿيڻ خلاف فريدآباد جي شھرين سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن محمد امين بروھي ، ذوالفقار علي ڏيرو، محمد حسن گاينچو، شفيق احمد، علي گوھرچنا ۽ ٻين فريدآباد  روڊ تي احتجاجي  مظاهرو ڪري ٺيڪيدار خلاف ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪئي.  سماجي اڳواڻ محمد امين بروھي، علي گوهر چنو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ٺيڪيدار جي سستي لاپرواهي سبب ٽن مھينن کان روڊ جا ڪٽ بند ناھن ٿي سگهيا،ھنن چيو ته روڊ رستا بحال نه ٿيڻ ڪري فريدآباد جا شھري ۽ ٻوڏ متاثرين ميھڙ  اچ وڃ لاء ٻيڙين جا ٻيڻا ڪرايا ڀري رھيا آهن  ھنن چيو ته ڊي سي دادو من پسند ٺيڪيدار کي ٺيڪيو ڏنو آهي جيڪو روڊ جا ڪٽ بند ڪرائڻ لاء تيار ناھي ھنن اعليٰ اختيارين  کان گھر ڪئي ته فريدآباد روڊ جا ڪٽ بند ڪرڻ جي سست رفتاري واري ڪم جو نوٽيس وٺي جلد کان جلد فريدآباد کان قائم جتوئي تائين روڊ کي ڏنل ڪٽ بند ڪرائي ميھڙ فريدآباد جو روڊ بحال ڪري ڪاڇي واسين جي واھر ڪئي وڃي.