فريدآباد (ن پ ا) فريدآباد ميهڙ روڊ تي ڳوٺاڻن بجلي بندش خلاف مظاهرو ڪري لائين مين، ايس ڊي او ۽ ٻين خلاف سخت نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته فريدآباد گرڊ اسٽيشن جي لائين مين رشوت نه ڏيڻ ڪري اسان جي ڳوٺ جي بجليءَ ڪاٽي اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي هنن وڌيڪ چيو ته اسان ماهوار  بجلي جا بل به پياريندا پيا اچون تنهن باوجود به اسان جي بجليءَ ڪاٽي وئي آهي هنن شديد گرمي ڪري اسان جا معصوم ٻارڙا گيسٽرو سميت مُختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن جلد بجلي بحال ڪئي وڃي.